درگاهه نبي شاه بخاري

درگاهه نبي شاه بخاري

درگاهه نبي شاه بخاري

درگاهه نبي شاه بخاري: سيد نبي شاهه بخاري، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر جي هڪ مشهور درگاهه آهي، جيڪا پني عاقل قومي شاهراه جي اتر طرف (حسين ڪلوڙ روڊ سان) ڇهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ۽ ڪوٽ بلا (لڳ بچاءَ بند نبي شاهه اسٽاپ) کان اتر- اولهه ڪنڊ تي ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ۽ ڳوٺ دادلوءِ کان اولهه طرف چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي بچاءَ بند جي لڳو لڳ، ديهه ٻڍ، يونين ڪائونسل سڌوجا ۾ واقع آهي. هن درگاهه جو سنڀاليندڙ سيد مراد شاهه ولد سيد ارباب شاهه بخاري آهي. درگاهه لعلڻ سائين بخاري بن سيد جهنگل شاهه مست بخاري (ڳوٺ حاجي مولودي، تعلقي ۽ ضلعي گوٽڪي) جي درگاهه وارا سادات ۽ ٻيرڙي (لڳ مومل جي ماڙي گهوٽڪي) جي بخاري سيدن (جن مان مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر، بيباڪ صحافي ۽ مشهور نعت گو شاعر سيد سردار علي شاههذاڪر‘ ٿي گذريو آهي) جو نسب به هن بزرگ سان ملي ٿو. سيد نبي شاهه جي اولاد مان ميان محمد شاهه پنهنجو ڳوٺ درگاهه لڳ ٻڌايو هو، جيڪو ميان جي ڳوٺ سان اڄ به مشهور آهي، جتي سندن حويليون ۽ جايون هيون، پر اڄ کان اٽڪل 100 سال اڳ سيدن اتان نقل مڪاني ڪئي. اهو ڳوٺ اڄ به آباد آهي، جتي سومرا ذات جا ماڻهو رهن ٿا. هن قبرستان جي ايراضي اندازاً 10 ايڪڙ ٿيندي. قبرستان جي زمين جي ڪجهه حصي تي مقامي ماڻهن طرفان والار به ڪئي وئي آهي ۽ ڀرسان ٻڍ مائنر جي کوٽائيءَ ۾ به قبرستان جي زمين اچي وئي آهي. هن قبرستان ۾ سيد، ڪلوڙ، ڪورائي، بلا، چاچڙ، ڊهيا، سومرا، زنگيجا، شيخ، دائودپوٽا، دايا ۽ سانگي ذاتين جا ماڻهو مدفون آهن. مشهور نعت خوان ۽ عاشق رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم فقير محمد مراد سانگي به هت آرامي آهي. روضي جي احاطي ۾ بزرگ جي خاندان جا ماڻهو، جن ۾ بزرگ جو فرزند سيد حبيب شاهه، سيد محمد شاهه، سيد مراد شاهه، سيد ارباب شاهه، سيد جئندل شاهه، سيد عطامحمد شاهه، سيد والي شاهه ۽ سيد عظيم شاهه ابدي ننڊ ۾ ستل آهن. درگاهه تي هر مهيني چند جي ٻارهين تاريخ ملهائي ويندي آهي، جنهن جو انتظام بادل چنو، بهارو فقير ڪورائي ۽ شبير احمد عرف علڻ فقير ڪورائيءَ جي حوالي هوندو آهي، جنهن ۾ صوفياڻو راڳ ويراڳ ٿيندو آهي ۽ ننگر نياز جو به بندوبست هوندو آهي. صوفياڻي راڳ جي محفل ۾ ٻاهرين فنڪارن سان گڏ درگاهه جا راڳي فقير غلام الرسول عرف سبحان الله فقير ڪورائي ۽ فنڪار محمد امين ڪورائي پنهنجي سُنگ سان چوڪي ڏيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو